سون سريکيون ساروڻيون

سون سريکيون ساروڻيون

سون سريکيون ساروڻيون

سون سريکيون ساروڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري ليکڪ ۽ اديب ڊاڪٽر پرڌان سوٽهڙ جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن تي ٻَڌل آتم ڪٿا جو ڪتاب آهي، جنهن م مصنف پنهنجي زندگيءَ جون 68 بهارون، تلخ حقيقتون، هيڪلايون، دوستن، عزيزن، همعصرن ۽ معاصرن سان صبحتون ۽ محبتون رقم ڪيون آهن. ڪتاب چئن بابن ۾ ورهايل آهي، پهريون باب ’جيون جا رنگ‘ عنوان سان آهي، جنهن ۾ ننڍپڻ، جواني، تعليم ۽ شوق، شادي، نوڪري وغيره، لکڻ پڙهڻ، ڳائڻ، پيشو، مجبوريون ۽ عادتون جا موضوع ان ۾ شامل آهن، باب ٻيو ’جيون جي جنگ‘ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ سندس ڌرم پتنيءَ جو ڀرپور جوانيءَ ۾ ديهانت ڪري وڃڻ، هڪڙي اولاد (پٽ) جي پالنا ڪرڻ وغيره، باب ٽيون ’6 سال، 5 مهينا، 4 ڏينهن ۽ انهن جو عڪس‘ عنوان سان آهي، جنهن ۾ مصنف انهيءَ سموري عرصي جي ڏکن سکن جي زندگيءَ بابت وضاحت ڪئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تان نشر ٿيل انٽرويوءَ جو خاص ٽڪرو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ مصنف بابت ڄاڻ ۽ پروفارما ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ ڪامريڊ روچيرام لکيو آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو تاثر ڏنل آهي.
پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي 368 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 2010ع ۾ امرتا پبليڪيشن حيدرآباد ۽ ڍول فقير فائونڊيشن، سنڌ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 360 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو